پوڻي ڏهرو

پوڻي ڏهرو: هن نالي سان ضلعي ٿرپارڪر جي ڀوڏيسر ڳوٺ ۾ هڪ ڏهرو آهي. هن ڏهري بابت هڪ روايت آهي ته: ڀوڏيسر جي هڪ مائي، ڪپهه جون پوڻيون ڪَتي سُٽ ٺاهيندي هئي. وٽس جڏهن گهڻو ناڻو گڏ ٿيو ته هن ان مان هي ڏهرو ٺهرايو ۽ پنهنجو ناڻو ڏهري جي مٿئين گنبذ ۾ چُڻائي ڇڏيائين. مائيءَ جي مرڻ کان پوءِ هن جي هڪ چٺي هڪ واڻيي (واپاريءَ) کي ملي، جنهن ۾ لکيل هو ته ”منهنجو مٿو وڍ، ڏهري مان مال ڪڍ“ ڪافي مهينن کان پوءِ واڻيو گنبذ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ مال کڻي هليو ويو. ان ڪري اڄ ڏينهن تائين پوڻي ڏهري جو گنبذ ڊٺل نظر اچي ٿو ۽ هـن ڏهـري کـي اُن عـورت جـي نالـي ۽ ڪـرت پٺـيـان ”پـوڻـي ڏهـرو“ سـڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو